ترڪ ڊرامه سيريل ارطغرل غازي جي هيروئن حليمه سلطان کي پاڪستان پسند اچي ويو

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان ۾ مشهوري ماڻيندڙ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

ترڪ ڊرامه سيريل ارطغرل غازي جي هيروئن حليمه سلطان کي پاڪستان پسند اچي ويو. تفصيل موجب پاڪستان ۾ شهرت جي بلندين تي پهچندڙ ڊرامي ارطغرل غازي جي هيروئن حليمه سلطان پاڪستاني ميگزين جي لاءِ فوٽو شوٽ ڪرائي ڇڏيو. ترڪ اداڪاره ايسرا بلجيڪ جي تصوير ميگزين جي فرنٽ پيج تي شايع ڪيو ويون آهن. سماجي رابطي جي ويب سائٽ انسٽاگرام تي ارطغرل جي هيروئن ايسرا بلجيڪ(حليمه سلطان) لکيو آهي ته(هيلو پاڪستان) ۽ چيو ته جون ۾ منهنجو نئون فوٽو شايع ٿيو آهي ۽ مان ميگزين جي فرنٽ پيج تي موجود آهيان. ايسرا بلجيڪ فوٽو شوٽ ڪندڙ پنهنجي ٽيم جو ٿروو به ادا ڪيو. حليمه جي تصوير کي پاڪستاني اداڪاره عائشه عمر به لائيڪ ڪيو. مداحن طرفان پنهنجي پسنديده اداڪاره  جي تصويرن کي پسند ڪيو پيو وڃي ۽ ڪمنٽس ۾ حليمه  سلطان جي تعريف ڪئي  پئي وڃي. واضح رهي ته ان کان اڳ ترڪ اداڪاره پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن کان پوءِ مداحن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي هئي ۽ اداڪاره کي خوش آمديد جا پيغام ملڻ شروع ٿي ويا هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *