ترڪ وزير اعظم جي آرمي چيف سان ملاقات، سيڪيورٽي صورتحال ۽ دفاعي سهڪار تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي ترڪي جي وزيراعظم احمد داوت اوگلو سان ملاقات ڪئي آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ علائقائي سلامتي، گڏيل دلچسپي، فوجي لاڳاپن ۽ دفاعي سهڪار جي حوالي سان معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر مطابق ترڪ وزيراعظم پاڪ فوج طرفان دهشتگردي خلاف جاري آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي جي واکاڻ ڪئي. ترڪ وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي برادر ملڪ پاڪستان جي سيڪيورٽي کي ترڪي جي سيڪيورٽي ۽ پاڪستان جي جهنڊي کي ترڪيءَ جو جهنڊو سمجهون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *