ترڪ وزيراعظم جي پي ايم هائوس آمد، شاندار آجيان، گارڊ آف آنر پيش، نواز شريف سان ملاقات

اسلام آباد (بيورو) ٻِن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتل ترڪ وزيراعظم احمد دائود اوغلو وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي،جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪ وزيراعظم احمد دائود اوگلو وزيراعظم هائوس پهتو ته سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. خاص مهمان کي پاڪ فوج جي دستن کي سلامي ڏني، جنهن بعد هن گارڊ آف آنر جو معائنو به ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪي جا قومي ترانا به وڄايا ويا. وزيراعظم نواز شريف ترڪ وزيراعظم سان ڪابينا ميمبرن جي ملاقات ڪرائي ۽ ترڪ هم منصب به پنهنجي وفد جو وزيراعظم کي تعارف ڪرايو. بعد ۾ ٻنهي ملڪن جي سربراهن نويڪلائيءَ ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن، خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *