ترڪ دفاع وزير جي آرمي چيف، دفاع وزير ۽ ٻين سان ملاقاتون، پاڪستان تائين ريل، روڊ ۽ بجلي پهچائڻ جي آڇ

راولپنڊي/اسلام آباد (م.ڊ)پاڪ فوج جي سڌ سماءَ بابت شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ترڪمانستان جي دفاع واري وزير  ڪرنل جنرل گميرووچ جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، دور دوران ترڪمانستان جي دفاع وزير شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل ڇٽيا، جي ايڇ ڪيو آمد تي ترڪمانستان جي وزير دفاع جو شاندارن آاستقبال ڪيو ويو، کيس گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو، دوري دوران ترڪمانستان جي وزير دفاع آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان پڻ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،  هوڏانهن ترڪمانسان جي دفاع واري وزير دفاع واري وزارت جو دورو ڪيو آهي، ان موقعي تي ڪرنل جنرل برديو يليم ياگميرووچ پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجا آصف سان به ملاقات ڪئي آهي، ان موقعي تي خواجا آصف جو چوڻ هو ته ترڪمانستان کي دهشتگرديءَ خلاف تربيتي سهولتون ۽ هٿيار ڏينداسين، جڏهن ته ترڪمانستان جي دفاع واري وزير جو چوڻ هو ته گھرو سطح تي تاپي گئس پائيپ لائين تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، گئس پائيپ لائين جي سلامتي تمام اهميت واري آهي. پاڪستاني فوج سان رابطا وڌائڻ چاهيون ٿا، پاڪستان تائين ريل، روڊ ۽ بجلي پچهائڻ چاهيون ٿا. ٻئي طرف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران گڏيل پيشيوراڻن معاملن ۽ ٻه طرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺي ٿي آهي، آءِ ايس پي آر جي پڌرائيءَ موجب ان موقعي تي ترڪمانستان جي دفاع بابت وزير دهشتگرديءَ خلاف پاڪ فوج جي قربانين تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، ترڪمانستان جي دفاع واري وزير جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز جو درو پڻ ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *