ترقين ۾ فرق ڇو ڪيو پيو وڃي، پوليس فورس هڪ آهي ته سينيارٽي به هڪ هئڻ گهرجي: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس آف پاڪستان مسٽر جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته ترقين ۾ فرق ڇو ڪيو پيو وڃي، پوليس فورس هڪ آهي ته سينارٽي به هڪ ٿيڻ گهرجي، آءِ جي سنڌ، سنڌ حڪومت جا اختيار استعمال ڪري پوليس جي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ترقين ۾ بي ضابطگين بابت سنڌ رزور پوليس جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، گهرائڻ جي باوجود آءِ جي ليگل، ڊي آءِ جي اسٽبلشمينٽ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پيش نه ٿيا، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته اي آءِ جي ليگل پيش نه پيو ٿئي، ڊي آءِ جي حڪومت هٽائي ڇڏيو، ايڊووڪيٽ جرنل نه پيو اچي، عدالت کي تفصيل ڪير ٻڌائيندو، چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته ڇا سنڌ پوليس جو ڪم هاڻ سپريم ڪورٽ ڪندي، ترقين ۾ فرق ڇو ڪيو پيو وڃي، ٻڌايو وڃي ته سنڌ پوليس ۾ ڪيتري سينارٽي هيٺ مٿي ڪئي وئي، عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *