ترقياتي ايجنڊا ملڪ جي قسمت سنواريندي، پاڪستان ايشيا جو ٽائيگر بڻجندو: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪ چين اقتصادي راهداري ۾ شامل رٿابندي وزارت سميت لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي ترقياتي بجيٽ ۽ منصوبا بروقت مڪمل ڪرڻ لاءِ سڌارن جي منظوري ڏئي ڇڏي، خميس محمد نواز شريف وزارت رٿابندي ۽ ترقيات جو دورو ڪيو وفاقي وزير اسحاق ڊار به وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم رٿابندي وزارت ۾ ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذاريو، احسن اقبال وزارت جي سينئر آفيسرن سان گڏ وزيراعظم جو استقبال ڪيو. احسن اقبال وزيراعظم کي رٿابندي وزارت بابت معاملن ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري بابت بريفنگ ڏني وزيراعظم کي پاڪ چين اقتصادي راهداري تحت جاري منصوبن بابت به اڳڀرائپ کان آگاهه ڪيو ويو وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي راهداري ۾ شامل رٿابندي وزارت ۽ ٻين وزارتن جي آفيسرن جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم رٿابندي وزارت ۾ هڪ اجلاس به صدارت به ڪئي. احسن اقبال پاران هلندڙ سال جي ترقياتي بجيٽ ۽ ترقياتي منصوبن ۽ حدف حاصل ڪرڻ جو جائزو پيش ڪيو وزيراعظم کي منصوبا وقت سر مڪمل ۽ منصوبن ۾ شفافيت جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ترقياتي بجيٽ ۽ منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ سڌارن جي منظوري ڏني، وزيراعظم چيو ته ترقياتي ايجنڊا سان ملڪ جي قسمت سنوارجي ويندي، پاڪستان ايشيا جو ٽائيگر بڻجندو، ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيڻ سان نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. انڊس هاءِ وي جو اڻپورو سيڪشن فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي اولهندي روٽ تي ڪم تيز رفتاري سان مڪمل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *