
اسلام آباد (اين اين آءِ)مملڪتي سڌ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي سٺي اميج کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنڪ استعمال ڪرڻ گھرجي انفارميشن سروس اڪيڊمي اسلام آباد ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته انفارميشن سروس اڪيڊمي ڪو متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ان مقصد لاءِ سوشل ميڊيا جو موثر استعمال به ڪم آڻي سگھجي ٿو .هن چيو ته اڪيڊمي کي بهترين مواصلاتي ۽ ميڊيا ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جوڙڻ جو ضرورت آهي جتي اختيارن جو تربيت نجي شعبي جي ميڊيا مينيجمينٽ مهارت جديد ۽ عالمي تقاضن موجب هجڻ گھرجي .هن واسطيدار اختيارن کي سالياڻو تربيتي پلان شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته تربيتي پلان ڪارڪردگي ۽ ڇهماهي جي بنياد تي هجڻ گھرجي .