تربت ۾ ايف سي جي ڪارروائي، 20 مزدورن کي قتل ڪندڙ 13 دهشتگرد مارجي ويا

تربت (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تربت ۾ ايف سي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جي گڏيل ڪارروائي   دوران پابندي مڙهيل تنظيم بِي اَيل ايف جــَي ڪمانڊر سميت تيرنهن دهشتگرد مارجي ويا. ايف سي ترجمان موجب ايف سي اهلڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن 20 پورهيتن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي موجودگي واري اطلاع تي تربت جي ڳوٺ گيبن ۾ گڏيل آپريشن ڪيو. ان موقعي تي جوابدارن سڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي جوابي ڪارروائي ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا. ايف سي ترجمان ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بِي ايل ايف جو ڪمانڊر حيات به شامل آهن جڏهن ته ڪمانڊر ظريف کي گرفتار ڪي ويو آهي. جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ راڪيٽ لانچر به برآمد ٿيا آهن جڏهن ته دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ اسپيشل آپريشن ونگ ۽ مڪران اسڪائوٽس به حصو ورتو. ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ تربت جي علائقي گگ دان ۾ دهشتگردن فائرنگ ڪري سنڌ ۽ پنجاب سان تعلق رکندڙ 20 پورهيتن کي قتل ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *