تحفظ پاڪستان قانون تحت ملڪ ۾ 3 خصوصي عدالتون قائم

اسلام آباد(بيورو) تحفظ پاڪستان قانون تحت ملڪ ۾ 5 مان 3 خصوصي عدالتون قائم ڪيون ويون آهن، دهشتگردن جي خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ خصوصي عدالتون قائم ڪيون ويون آهن، مقرب خان کي لاهور، ظفر علي خان کوسو کي ڪوئيٽا جڏهن ته انوار علي خان کي پشاور ۾ خصوصي عدالت جو جج مقرر ڪيو ويو آهي ياد رهي ته تحفظ پاڪستان قانون تحت پوري ملڪ ۾ 5 خصوصي عدالتون قائم ڪرڻيون آهن جڏهن ته اسلام آباد ۽ سنڌ ۾ هينئر تائين خصوصي عدالتون قائم نه ٿي سگهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *