تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن جي جدوجهد ۽ قربانين بابت ڄاڻ وڌائڻ جي ضرورت آهي : صدر عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو اهي ته پاڪستان کي قائداعطم محمد علي جناح جي ويزن مطابق جديد اسلامي فلاحي رياست بنائڻ لاءِ گڏيل قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن جي جدوجهد ۽ قربانين بابت ڄاڻ وڌائڻ جي ضرورت آهي اهڙن خيالن جوا ظهار هن نظريه پاڪستان ڪائونسل (ٽرسٽ) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن اڱاري تي هتي ان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾چيئرمين نظريه پاڪستان ڪائونسل ميان محمد جاويد پاران صدر کي ٽرسٽ بابت بريفنگ ڏني بريفنگ ۾ هن ٻڌايوت ه ٽرسٽ جو بينادي مقصد حب الوطني ۽ اسلامي جي تعليم کي عام ڪرڻ آهي ٽرسٽ سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ بحث ۽ سيمينارز جو اهتمام ڪري ٿو ان موقعي تي صدر چيو ته نوجوان نسل کي نظريه پاڪستان کان روشناس ڪرائڻ جي ضرورت آهي صدر نظريه پاڪستان اجاڳر ڪرڻ نوجوان نسل ۾ حب الوطني جو جذبو وڌائڻ ۾ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *