تحريڪ طالبان 48 ڪلاڪن ۾ ڳجهي هنڌ تي اجلاس طلب ڪري ورتو

لڌا (مانيٽرنگ ديسڪ) پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي قيادت دهشتگردي خلاف شروع آپريشن ۽ جيلن ۾ پنهنجي گرفتار ساٿين کي ڦاسين تي لڙڪائڻ مان پيدا صورتحال تي 8 4  ڪلاڪن ۾ ڳجهي هنڌ اجلاس گهرائي ورتو، تحريڪ طالبان سجڻا گروپ جي ترجمان جي پشاور حملي جي حمايت، حڪومت ۽ سجڻا گروپ ۾ جاري مذاڪرات خطري ۾ پئجي سگهن ٿا. ٽي ٽي پي ترجمان جي نامعلوم هنڌ تان ميڊيا کي جاري پيغام موجب 2  ڏينهن ۾ پاڪستان تحريڪ طالبان جي تمام حلقن جي اميرن جو گڏيل اجلاس گهرايو ويندو، جنهن ۾ پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۽ حڪومت طرفان ڦاسي جي سزا تي عملدرآمد شروع ٿيڻ واري فيصلي تي ويچاري پنهنجي حڪمت عملي بڻائي ويندي، ٻئي پاسي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان ڏکڻ وزيرستان سجڻا گروپ جي ترجمان اعظم طارق بيان ۾ پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي جي مڪمل حمايت ڪئي آهي. ياد رهي ته تحريڪ طالبان ڏکڻ وزيرستان سجڻا گروپ گذريل ٻن مهينن کان حڪومت سان مذاڪرات جو سلسلو به شروع ڪري رکيو آهي جنهن ۾ 1 1  رڪني ڪميٽي تحريڪ طالبان ڏکڻ وزيرستان سجڻا گروپ جي اعليٰ ڪمانڊرن سان ڪئين ڀيرا سڌا سنوان مذاڪرات ڪيا هئا ۽ ترجمان اعظم طارق جي بيان بعد مذاڪرات خطري ۾ پئجي سگهن ٿا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *