تحريڪ طالبان شاهد الله شاهد کي برطرف ڪري ڇڏيو

پشاور(م.ڊ) بندش پيل تحريڪ طالبان داعش ۾ شامل ٿيڻ تي پنهنجي ترجمان شاهد الله شاهد کي تحريڪ جي عهدي تان هٽائڻ جو باقاعدهاعلان ڪري ڇڏيو آهي، طالبان جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شاهد الله شاهد ٽي ٽي پي جو ترجمان ناهي ۽ ان گروپ ابو عمر شيخ مقبول کي به اهو ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جنهن کي پڻ هٽايو ويو آهي بيان ۾ تحريڪ جو جيڪو نئون ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي تنهن جي سڃاڻپ نه ٻڌائي وئي بيان موجب ٽي ٽي پي جي سربراهه ملا فضل الله افغان طالبان جي اڳواڻ محمد عمر سان ٻيهر وفاداري ظاهر ڪئي آهي ۽ تحريڪ جي نئين ترجمان جو نالو جلد ٻڌايو ويندو ياد رهي ته شاهد الله شاهد سوڌو تحريڪ طالبان جي 5 اميرن عرق ۽ شام ۾ سرگرم ويڙهاڪ گروپ داعش ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *