تحريڪ طالبان جو اڳوڻو ترجمان شاهد الله شاهد 51 ساٿين سميت ڊرون حملي ۾ مارجي ويو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جو اڳوڻو ترجمان ۽ داعش اڳواڻ شاهد الله شاهد افغانستان ۾ آمريڪي جاسوس جهازن جَي حملي ۾ مارجي ويو، افغاني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڊرون حملي ۾ شاهد الله شاهد جا 51 ساٿي به مارجي ويا آهن. افغان ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سڪيورٽي موجب، آمريڪي جاسوس جهازن افغانستان جَي صوبي ننگر هار ۾ دهشتگردن کي نشانو بڻايو. افغانستان جِي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڊرون حملي ۾ داعش اڳواڻ شاهد الله شاهد ۽ سندس 51 ساٿي مارجي ويا. شاهد الله شاهد آڪٽوبر 2014 ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ڇڏي داعش ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *