تحريڪ انصاف 35 پنڪچر لڳائڻ جي الزام تي معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي(م.ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عارف علوي 35 پنڪچر لڳائڻ جي الزام تي معافي وٺي ڇڏي، عارف علوي جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف افواهن ۽ غلط اطلاع تي 35 پنڪچرن جو الزام لڳايو، جنهن تي هو معافي وٺن ٿا سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عارف علوي چيو ته هنن اطلاعن ۽ افواهن جي بنياد تي 35 پنڪچرن وارو الزام لڳايو، اهڙي الزام کان اڳ تصديق ڪرڻ گهرجي ها، هنن کان اها غلطي ٿي آهي، جنهن تي هو معافي وٺن ٿا هن چيو ته بنا تصديق جي الزام هڻڻ غلط هو، کين اطلاعن ۽ افواهن تي يقين نه ڪرڻ گهرجي ها، ان کان اڳ تصديق ڪرڻ ضروري هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *