تحريڪ انصاف ڪراچيءَ ۾ گڙ ٻڙ ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو: وڏو وزير

ڀٽ شاهه (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڀٽ شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو آهي  ته ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جي جمهوري احتجاج ۾ مداخلت نه ڪئي ويندي پر جيڪڏهن انهيءَ دوران ڪنهن به گڙٻڙ ڪئي ته قانون به حرڪت ۾ ايندو. عمران خان 12 ڊسمبر تي آئين جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪيو ته ٺيڪ آهي ۽ جيڪلڏهن ڪابه گڙٻڙ ڪئي ته پوءِ قانون به حرڪت ۾ ايندو. هن چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي  جو آفاقي ڪلام  انسانيت  جي  ڀلائي  جو درس ڏي ٿو ۽ سندس صوفياڻي تصور  ۾  محبت،پيار،گڏ جي  رهڻ ۽ مذهبي هم آهنگي جو پيغام سمايل آهي  جنهن تي عمل ڪرڻ سان اسان  اڄوڪي دنيا ۾ ڦهليل افراتفري، بدامني، دهشتگردي،۽ عوام سان ٿيندڙ زيادتين کي روڪي سگهون ٿا.هن اهڙو اظهار اڄ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 271 هين  عرس جي پڄاڻي تي ڀٽ شاهه ۾ سندس درگاهه تي چادر چاڙهن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  وڌيڪ چيو ته  دنيا ۾  امن امان جي  قيام لاءِ شاهه سائين اڄ کان 300 سال اڳ پنهنجي پيغام جي صورت ۾ هڪ آئين ڏنو جنهن تي عام ماڻهو  طرفان عمل ڪرڻ سان  معاشري ۾ بهتري ايندي  ۽ گڏ وگڏ ملڪي ترقي جي راهه پڻ هموار ٿيندي  هن چيو ته شاهه سائين  پنهنجي  ڪلام سڄي ڪائنات  جي خوشحالي ۽  آباد هجڻ  جي دعا ڪئي آهي هڪ سوال تي  هن چيو ته سنڌ اندر  تازو ئي نوجوانن جي ملندڙ لاشن واري واقعي  تي کيس گهرو افسوس آهي  ۽ هن ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت توڙي وفاقي گهرو کاتي سان انتظامي توڙي سياسي سطح تي رابطو ڪيو آهي  ۽ ان  معاملي ۾ سنجيده پڻ آهي ته جيئن  ان واقعي  جي مڪمل طور تي  انڪوائري ڪرائي مقتولن جو سدباب ڪري سگهجي هن چيو ته هن وقت سنڌ جو هي حساس معاملو آهي جنهن جي صحيح نشاندهي ڪري  ان جي چڱي طرح جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن ان سلسلي کي روڪي سگهجي  هن چيو ته  ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي ذميواري وفاق جي پڻ آهي  تنهنڪري سنڌ حڪومت  صوبي  جي صورتحال تي  ضابطي لاءِ  رينجرز جون خدمتون حاصل ڪيون آهن  هن چيو ته جيتوڻيڪ دهشتگردي  خلاف ويڙهه  ۾ پوليس توڙي رينجرز جي  سوين اهلڪارن  جانين جون قربانيون ڏيڻ باوجود  هڪ مثالي ڪردار ڪيو آهي  تنهن باوجود به  دهشتگردي خلاف اها  جنگ جاري آهي هن چيو ته موجوده حڪومت ۾  ڪيترائي  دهشتگرد ماريا ويا آهن ۽ سوين دهشتگرد گرفتار ڪري کين سزائون ڏنيون ويون آهن  جنهن جو مثال ماضي ۾ ڪٿي به نٿو ملي  هن چيو ته دهشتگردن پنهنجي گرفتار ساٿين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ  ڪراچي جيل ۾ سرنگهه لڳائڻ جي  ڪوشش ڪئي پر سنڌ حڪومت سندن اهڙي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيوهن چيو ته  سنڌ پوليس  ۾ پيشور مهارت توڙي  جديد هٿيارن  جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪوششون  ورتيون  پر اهڙين ڪوششن کان اڳ ئي  حالتن کي خراب ڪرڻ لاءِ حملا ڪيا ويا  هن  چيو ته جيڪڏهن  بهتري  ڏانهن ڪو قدم کينو وڃي  ته ان تي اڳواٽ شڪ شبه  نه ڪيا وڃن  سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ ڪراچي کان ڪشمورتائين هڪ آهي  ۽ان  ۾ ڪنهن به قسم جو فرق نه آهي  ۽ سنڌ جو  عوام  پڻ مضبوط آهي ۽ عوام جي مضبوطي سان ئي ملڪ  مضبوط ٿيندو هڪ ٻئي سوال  تي هن چيو ته  اسان جمهوري ماڻهو آهيون ۽ قانون آئين مطابق  جدو جهد ڪندا رهندا سين ڇاڪاڻ ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پڻ  آئين مطابق پنهنجي جدوجهد ڪئي  هن چيو ته جيڪڏهن  ڪنهن قانون کي هٿ ۾ کنيو ته قانون حرڪت ۾ ايندو سنڌ ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان هڪ سوال تي  وڏي وزير چيو ته سنڌ اسيمبلي طرفان  قانون پاس ڪرڻ باوجود تڪ بندين جو ڪم  اڃا رڪيل آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي  فيصلي تي مڪمل طرح سان  عمل درآمد  ڪيو ويندو  جنهن  مطابق اليڪشن ڪميشن تڪ بندين جي ذميواري پوري  ڪندي  جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن جي بيان مطابق سنڌ  ۾ 6 مهينن  تائين چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن ڇاڪاڻ ته  ان کان اڳ تڪبندين  جو مرحلو پورو ٿيڻو آهي  ڀٽ شاهه ۾ صوفي ازم يونيورسٽي بابت هڪ سوال تي وڏي وزير چيوته پ پ پ  جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  معاشري مان افراتفري جي خاتمي لاءِ صوفي ازم يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  جنهن لاءِ ڀٽ شاهه ۾ زمين جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي ۽ تمام جلد يونيورسٽي جي نيئن عمارت قائم ڪئي ويندي  هن چيو ته عارضي عمارت ۾ قائم يونيورسٽي ۾ استادن توڙي نصاب جي کوٽ  جو مسئلو درپيش آهي  جنهن پڻ تمام جلد  پور ڪيوويندو  هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته قومي مالياتي ايوارڊ جي مد ۾ سنڌ حڪومت جا وفاق ڏانهن 50 کان 60 ارب روپيا  رهيل آهن جن جي وصولي  لاءِ هن وفاق سان رابطو پڻ ڪيو آهي ان کان اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڀٽ شاهه آمد  وقت درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي  تي  چادر چاڙهي سندس سالياني  عرس  مبارڪ  جي  تقريبن جي پڄاڻي ڪئي ۽ فاتح خواني پڻ ڪئي  ان موقعي تي وڏي وزير  مستحق  عورتن ۾ ڪپڙا پڻ ورهايا  بعد ۾ وڏي وزير  اوقاف کاتي حڪومت سنڌ طرفان درگاهه  جي کاٻي طرف  7 ملين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪيل  شاهه سائين جي قديمي ۽ تاريخي تخت گاهه حويلي جو افتتاح پڻ ڪيو  ان موقعي تي کيس ٻڌايو ويو  ته  شاه سائين جي هي  تخت گاهه 25 فٽ ڊگهي 53 فٽ ويڪري آهي  جنهن ۾ گنبد وارا 3 ڪمرا  شامل آهن  جنهن جو ڪم سيپٽمبر 2012 ۾ شروع ڪيو ويو جيڪو جون 2014 ۾ مڪمل ٿيو آهي جڏهن ته حويلي جو اندريون ۽ ٻاهريون ڪم مڪمل طور ڪاشيءَ جو ٿيل آهي  جنهن اندر شاهه سائين جي استعمال ۾ ايندڙ کٽ ۽ سندس لٺ پڻ رکيل آهي  . ان موقعي تي ثقافت واري صوبائي وزير شرميلا فاروقي، صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ، پ پ پ ضلعي مٽياري جو صدر امير علي شاهه  هاشمي ، سيڪريٽري ثقافت اعجاز ميمڻ، سيڪريٽري اوقاف غلام مصطفيٰ ڦل ، ڊويزنل ڪمشنرحيدرآباد سيد آصف حيدر شاهه  ڊي آئي جي حيدرآباد  ثناالله  عباسي ، ڊي سي مٽياري فياض حسين عباسي ، ايس ايس پي مٽياري  امجد  علي شيخ ۽ ٻيا پڻ ساڻس  گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *