تحريڪ انصاف کي جناح گرائونڊ ۾ جلسي جي آڇ، ٻئي پارٽيون هر قسم جي ٽڪراءُ کان پاسو ڪن: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) متحده قومي موومنٽ (ايم ڪيو ايم) جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جناح گرائونڊ سميت ڪراچي ۾ هر هنڌ جلسو ڪري سگهي ٿي. پنهنجي هڪ بيان ۾ متحده جي اڳواڻ چيو ته کيس اڱاري واري ڏينهن ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 246 جي رهواسين ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وچ ۾ پيش آيل واقعي تي انتهائي ڏک ٿيو آهي. هن چيو ته هو ان واقعي ۾ ڪنهن کي به ملوث قرار ڏيڻ نه ٿو چاهي ۽ خواهش آهي ته ان تڪ تي ضمني چونڊ صاف ۽ شفاف نموني ٿئي. الطاف حسين چيو ته جمهوريت ۾ ٻن پارٽين وچ ۾ زباني تڪرار، تنقيد ۽ حمايت معمول جي ڳالهه آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ ڪنهن به هنڌ جلسو ڪري سگهي ٿي ۽ ايم ڪيو ايم اهو جلسو ڪرڻ ۾ پي ٽي آءِ سان سهڪار ڪندي پر پي ٽي آءِ کي شهداءِ يادگار جي حفاظت کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن متحده جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته اهي هر صورت صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺن ۽ پاڻ کي ڪنهن به ڇڪتاڻ کان پاسيرو رکن.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *