تحريڪ انصاف کي جمهوريت لاءِ مثال بڻائڻ چاهيان ٿو،انٽرا پارٽي چونڊون 25 اپريل تائين پوريون ٿي وينديون: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جون سڀئي تنظيمون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ هاڻي سڌو سنئون چونڊون ٿينديون جيڪي 25 اپريل کان اڳ پوريون ٿي وينديون.تفصيل مطابق پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته ماڻهن جو خيال هو ته  تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي چونڊون وساري ويهندي پر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ آئيني ذميواري آهي،جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ مڪمل عبوري نظر رکندڙ موجود هوندا،جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ۽ ٻيا ادارا اسان جي مدد ڪن. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ۾ پنهنجا دوست آڻي پئي سگهيس پر نه آندا ڇو ته تحريڪ انصاف کي هڪ ادارو ۽ جمهوريت لاءِ مثال بڻائڻ چاهيان ٿو.هن چيو ته ميرٽ نه هجڻ سان اسان ٻين معاشرن کان پوئتي رهجي ويا آهيون،بهتر پاڪستان بڻائڻ جي شروعات پنهنجي پارٽي سان ڪرڻي پوندي،جمهوريت نه هجڻ سبب پيپلز پارٽي سنڌ تائين محدود ٿي وئي آهي، ڇو ته ان جي اڳواڻ جو فيصلو ڪاغذ جي هڪ  ٽڪڙي تي ٿي ويندو آهي.عمران خان چيو ته جسٽس(ر) وجيهه الدين جي موقف کي مڃيندي غلطيون مڃيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *