اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف 8 1 جنوري کان مرحليوار تمام وڏي شهرن ۾ ورڪرز ڪنوينشن ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو، 8 1 جنوري تي پهريون ورڪرز ڪنوينشن اسلام آباد، پهرين فيبروري تي ڪراچي، 8 تي لاهور، 5 1 فيبروري تي پشاور ۾ ڪنوينشن ڪوٺرايو ويندو. تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف 8 1 جنوري کان مرحليوار ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ورڪرز ڪنوينشن ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو. ترجمان موجب 8 1 جنوري تي ورڪرز ڪنوينشن ڊي چوڪ بدران خانگي ريسٽورنٽ ۾ ٿيندو، جنهن کي عمران خان خطاب ڪندو