تحريڪ انصاف پاران اسيمبلين ۾ واپس وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف، جوڊيشل ڪميشن جو آرڊيننس جاري ٿيڻ بعد اسيمبلين ۾ واپس اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو، يمن جي صورتحال تي اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جا ميمبر شرڪت ڪندا. بني گالا اسلام آباد ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگرين ترين، حامد خان، سرور خان، اعجاز چوڌري، عارف علوي، شفقت محمود، شيرين مزاري، سرور خان ۽ ٻين عهديدارن  شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حڪومت طرفان جوڊيشل ڪميشن جي آرڊيننس جاري ٿيڻ بعد اسيمبلين ۾ وڃڻ، يمن ۾ پاڪستان جي ڪردار بابت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ۽ ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ بابت غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب ڪور ڪميٽي اسيمبلين ۾ واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن ٻڌايو ته عمران خان سميت تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر سڀاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *