تحريڪ انصاف معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ملاقات ڪري 30 نومبر تي پي ٽي آءِ جي جلسي جي سڪيورٽي انتظامن تي بريفنگ ڏني، چوڌري نثار چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي جناح ايونيو ۾ جلسي جي اجازت ڏني وئي آهي ڪابه گڙٻڙ ٿي ته ان جي ذميواري پي ٽي آءِ تي هوندي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وزير اعظم ميان نواز شريف سان ملاقات ڪري پي ٽي آءِ جي 30 نومبر واري جلسي بابت ٿيل معاهدي ۽ سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني. وزير اعظم سان ملاقات بعد پريسڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته پي ٽي آءِ ۽ اسلام آباد انتظاميه وچ ۾ 30 نومبر تي جلسي بابت معاهدو ٿي ويو آهي، معاهدي موجب پي ٽي آءِ جناح ايونيو تي جلسو ڪندو جيڪڏهن ان کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪارروائي ٿيندي. چوڌري نثار چيو ته پي ٽي آءِ معاهدي تي صحيح ڪئي آهي ته جلسي ۾ ڪو به ٻار نه آندو ويندو ۽ نه وري ڪوئي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ئي ڪندو. گهرو وزير چيو ته ڳجهن ادارن جي رپورٽ موجب 30 نومبر تي پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ دهشتگردي جو خدشو آهي، سيڪيورٽي لاءِ واڪ ٿرو دروازا لڳايا ويا آهن ۽ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊز ذريعي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن جي تلاشي ورتي ويندي. هن چيو ته معاهدي موجب پي ٽي آءِ رات 11لڳي 59 منٽن تي جلسو ختم ڪندي ۽ جلسي ختم ٿيڻ بعد فوري طور  اسٽيج کي هٽايو ويندو. چوڌري نثار چيو ته طاهرالقادري سان حڪومت جي ڪابه ڊيل نه ٿي هئي، قادري پاڻ ڌرڻو ختم ڪري ويو هو. گهرو وزير چيو ته ڳالهين بابت بال پي ٽي آءِ جي ڪورٽ ۾ آهي ۽ اميد آهي ته 30 نومبر کانپوءِ ڳالهين جو عمل شروع ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *