تحريڪ انصاف حديبيا ڪيس ۾ نيب پراسڪيوشن تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي قانوني ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته حديبيا پيپرز ملز ڪيس ۾ نيب جي پراسيڪيوشن تي پهريون ئي خدشا هئا،  اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته ڪيس ڪامياب نه ٿيندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته  حديبيا پيپرز ملز ريفرنس تي اعليٰ عدالت جي فيصلي جي يقيني طور  آهي جنهن نموني نيب جي وڪيل ڪيس پيش ڪيو تنهن جي ڪاميابي جا امڪان نه هئا. هن چيو ته اسحاق ڊار ۽ نيب جا لاڳاپا ايترا گهرا آهن جو اسان ڏٺو ته نيب جو پراسڪيوٽر رٽائرڊ ٿيندي ئي ٻي ڏينهن سندس وڪيل بڻجي عدالت ۾ پيش ٿيو. تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو ته هڪ ارب 24 ڪروڙ رپيه ڪيس ۾ شامل آهن ۽ اهو قوم جو پئسو آهي، ڪنهن جا ذاتي پئسا نه آهن. هن چيو ته عدالت جي پنج رڪني بئنچ به ان تي جيڪي رمارڪس ڏنا اهي سڀني سامهون آهن. سندس چوڻ هو ته اهو تمام گهڻو سولو آهي ته پهريون پئسي جي ڦرلٽ ڪيو پوءِ پنهنجي مرضي جي ماڻهن کان جاچ ڪرايو پوءِ عدالت  ۾ ڪيس وڃي ته ڪلين چٽ وٺي هليا وڃو. هن چيو ته ڪيس ۾ اسحاق ڊار سلطاني شاهد کان جوابدار بڻيو، سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو اچڻ بعد غور ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *