تحريڪ انصاف جي اميدوارن سينيٽ چونڊن ۾ ڪروڙين رپين جي آڇ رد ڪري ڇڏي:عمران خان

چڪدره (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پِي ٽِي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اين اي 122 جو معاملو نادرا وٽ آهي، جنهن ۾ حقيقتون سامهون اچي وينديون، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سندن اميدوارن سينيٽ چونڊن ۾ پئسو نه هلائڻ ڏنو جيڪا وڏي تبديلي آهي. چڪدره ۾ وڻڪاري مهم جي افتتاح دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سڄي قوم ڏٺو ته هڪ جماعت جنهن پهريون ڀيرو سينيٽ چونڊن ۾ حصوورتو ان جي غريب طبقي سان تعلق رکندڙ اميدوارن کي ڪروڙين رپين جي آڇ ڪئي جنهن کي هنن رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي تڪ 122 جي ووٽن جي تصديق وارو معاملو نادرا وٽ هليو ويو آهي جنهن بعد حقيقتون سامهون اچي وينديون. عمران خان چيو ته رضا رباني جي سينيٽ چيئرمين طور نامزدگي بابت پارٽي مشاورت کان پوءِ ڪنهن قسم جو تبصرو ڪري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته لاهور ۾ 15 ارب رپيا وڻ ڪــَٽڻ لاءِ خرچ ڪيا پيا وڃن جڏهن ته خيبر پختون خواهه ۾ 15 ارب رپين جي لاڳت سان هڪ ارب ٻوٽا پوکيا پيا وڃن جنهن سان مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *