تحريڪ انصاف جو پاڪستان خود مختياري ملين مارچ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پاڪستان جي خود مختياري لاءِ ملين مارچ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ اسلام آباد ۾ 20 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي مرڪزي قيادت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي آزادي ۽ خود مختياري لاءِ ملين مارچ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي ملڪ مان 20 لک ماڻهن کي اسلام آباد آندو ويندو، گڏوگڏ مارچ جي تيارين ۾ تيزي، ڪور ڪميٽي ۽ پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ڪور ڪميٽي ۽ پارلياماني پارٽي جا گڏيل اجلاس 9 مئي تي ٿيندا. شرڪت ڪندڙن آزادي ۽ خود مختياري لاءِ حقيقي مارچ جي تيارين ۾ تيزي آڻڻ جي حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سڄي ملڪ  ۾ ڪارڪنن کي چونڊن جي ڀرپور تياري جي به هدايت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *