تحريڪ انصاف جو حشر ق ليگ کان به خراب ٿيندو: احسن اقبال

نارووال (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جو حشر ق ليگ کان به خراب ٿيندو. صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته هن حڪومت غريب جا چُلها وسامي ڇڏيا آهن ۽ مهانگائيءَ جي سونامي عام ماڻهو جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي. هن چيو عمران خان ته محل ۾ رهندو آهي ۽ سندس اي ٽي ايمز خرچ هلائيندا آهن پر غريب کي ته محنت ڪري پنهنجي کاڌي جو بندوبست ڪرڻو پوندو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان غربت نه غريب ختم ڪري رهيو آهي، اسان ان ظلم خلاف چُپ نه ويهنداسين، وزراعظم ارب پتي ماڻهن کي فائدو پهچائي رهيو آهي، جن چونڊن تي پئسو لڳايو، ايندڙ چونڊن ۾ غريب جي پِٽَ انهن جون ضمانتون ضبط ڪرائيندي. احسن اقبال چيو ته فردوس عاشق اعواڻ جي بيانن کي سنجيده نه وٺڻ گهرجي، اها اڳ زرداري جو بچاءَ ڪندي هئي، هاڻ عمران خان جو بچاءُ ڪري رهي آهي، مريم نواز خلاف ڪير به ناهي، هوءَ پارٽي عهديدار بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي، مريم نواز کي احتساب عدالت طرفان ڏنل سزا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ معطل ٿي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *