تحريڪ انصاف جو اسلام آباد سميت ٻين وڏن شهرن کي جام ڪرڻ جو فيصلو، حڪمت عملي تيار

اسلام آباد: (م.ڊ) تحريڪ انصاف لانگ مارچ جو اعلان ڪندي ئي اسلام آباد سميت ٻين وڏن شهرن کي جام ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.  رپورٽ موجب حڪومت مخالف لانگ مارچ لاءِ تحريڪ انصاف پنهنجو پلان فائنل ڪري ورتو. سموري ملڪ ۾ لکين مظاهرين کي اسلام آباد گهرائڻ ۽ وڏن شهرن کي جام ڪرڻ جي حڪمت عملي به تيار ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ڪپتان جو پيغام پارٽي اڳواڻن تائين پهچايو ويو آهي. لانگ مارچ جو اعلان ٿيندي ئي مختلف شهرن کي جام ڪيو ويندو. ان حوالي سان وڏن شهرن جي بندش لاءِ پوائنٽس طئي ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب پارٽي اڳواڻن کي گرفتارين کان بچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پر گرفتارين جي صورت ۾ بيڪ اپ پلان تي عمل ڪيو ويندو. ذريعن موجب مُک اڳواڻن جي گرفتاري جي صورت ۾ متبادل قيادت ڪارڪنن کي لانگ مارچ ۾ گائيڊ لائين ڏيندي. جبري گرفتارين خلاف سخت احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *