تحريڪ انصاف استعيفائن ۾ سنجيده آهي ته آئيني طريقو اختيار ڪري: اعتزاز احسن

لاهور (بيورو) سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي اڳوڻي صدر سينيٽر چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف استيعفائن ۾ سنجيده آهن ته آئيني طريقو اختيار ڪري ته پوءِ انهن کي دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي چونڊن جي موقعي تي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  هن چيو ته شاهه محمود قريشي کي جيڪڏهن پنهنجي اسيمبلي ميمبرن تي اعتماد آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي شڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجن اسيمبلي ميمبرن کي انفرادي طور تي اسپيڪر ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي اسپيڪر کي شڪ آهي ته 10، 12 ميمبر اهڙا آهن جيڪي استعيفائون ڏيڻ نٿا چاهين هو مجبوري ۾ استعيفيٰ ڏئي رهيا آهن قادري، عمران ڌرڻن جو ذڪر ڪندي اعتزاز احسن چيو ته ڌرڻن جو مقصد وزيراعظم جي استعيفيٰ نه هجڻ گهرجي انهن ٻنهي جو طريقيڪار درست ناهي ڪنهن جي مٿي تي پستول رکي اهڙا مطالبا مڃائڻ جي روايت پئجي وئي ته هن ملڪ اندر تمام گهڻا لشڪر ڏٺا وڃن ٿا هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه مطالبا صحيح آهن پر انهن جو طريقو صحيح ناهي او جي ڊي سي ايل جي نجڪاري جي حوالي سان چوڌري اعتزاز احسن چيو ته ساليانو 300 ارب ڪمائڻ واري 124 ارب منافعي واري اداري جي نجڪاري ڪرڻ بيوقوفي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *