تحريڪ انصاف استعيفائن جي گڏيل تصديق لاءِ ضد تي اٽڪيل، ٻار ناهيون جو هڪ هڪ ٿي اچون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن اڪيلي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اڳيان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ استعيفائن جي صديق جو معاملو اٽڪي پيو آهي، پي ٽي آءِ جا 25 اسيمبلي ميمبر استعيفائن جي تصديق لاءِ شاهه محمود قريشي جي قيادت ۾ قومي اسيمبلي پهتا جنهن کانپوءِ اسپيڪر سمورن ميمبرن کي الڳ الڳ پنهنجي چيمبر ۾ اچڻ لاءِ چيو جڏهنته سمورن ميمبرن پاران انڪار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته جيڪڏهن استعيفائن جي صديق ڪرڻ آهي ته گڏيل طور تي ڪئي وڃي ان موقعي تي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڪوبه ميمبر اڪيلي اسپيڪر سان نه ملندو اسان اسڪول جا ٻار ناهيون جو هڪ هڪ ٿي اسپيڪر سامهون وڃون جيڪڏهن ان کي استعيفائن جي تصديق ڪرڻي آهي ته گڏجي ڪري ۽ ان لاءِ لائونج ۾ اچي، ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي ميمبر اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته اسپيڪر جو انتظار ڪندي هڪ ڪلاڪ ٿي ويو آهي لڳي ٿو ته ايم اين اي چونڊجڻ کان استعيفيٰ ڏيڻ وڌيڪ مشڪل آهي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري چيو ته هاڻ صرف اسپيڪر جو انتظار آهي پر خبر ناهي هو ڇو نه پيو اچي ٻئي طرف اسپيڪر اياز صايق چيو ته آئين جي دائري ۾ رهي استعيفائن جي الڳ الڳ تصديق ڪرڻ ضروري آهي ان لاءِ هو گڏيل طور تي تصديق نٿو ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *