تبديلي سرڪار جي مھانگائي بمباري جاري، ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر 318 رپيا 74 پئسا مهانگو ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوام لاءِ هڪ ٻي بري خبر سامهون اچي وئي ۽ ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر وڌيڪ مهانگو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽجڻ جو نالو نه پئي وٺي، جنهن سان غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جون دعوائون ته ڪري ٿي پر ان جي ابتڙ روز شين جا اگهه چوٽ چڙهي رهيا آهن. نيپرا طرفان بجلي اگهن ۾ واڌ جي منظوري کانپوءِ هاڻ ايل پي جي اگهه ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر 318 رپيا 74 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ 11.8 ڪلو جي گهريلو سئلينڊر جي نئين قيمت 2758 رپيا 67 پئسا ٿي وئي آهي. پڌرائيءَ موجب في ڪلو ايل پي جي جي قيمت ۾ 27 رپيا هڪ پئسو واڌ ٿي آهي ۽ في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 233 رپيا 78 پئسا ٿي وئي آهي، اگهن ۾ واڌ پهرين مارچ کان لاڳو ٿيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *