تبديلي جو اشارو : مڊل آرڊر بيٽنگ ۾ بهتري جي ضرورت آهي: مصباح الحق

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق ٽئين ۽ فيصلائتي ۽ ون ڊي ميچ لاءِ ٽيم ۾ تبديلي جو اشارو ڏئي ڇڏيو.مصباح الحق جو چوڻ آهي ته شاداب خان متبادل سميت ٽيم ڪامبينيشن جي لاءِ تبديلي ضروري ٿي ته ڪري ڇڏينداسين، مڊل آرڊر بيٽنگ ۾ بهتري جي ضرورت آهي، سنچورين ۽ انڊورز جي پچز ڏکڻ آفريقي ڪنڊيشنز جي حقيقي ترجماني ڪري ٿي، ان بائونسي پچز تي اسان جي ٽاپ آرڊر بيٽسمين جي سينچري خوشي جي ڳالهه آهي.هيڊڪوچ بالرز جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته اسان جا بالرز ٽئين ون ڊي انٽرنيشنل ۾ بهترن ڪم بيڪ ڪندا،ڊريسنگ روم جو ماحول ڪافي حوصلو ڏيندڙ آهي، رانديگر سيريز کٽڻ لاءِ پراميد آهن، نوجوان رانديگرن تي مشتمل ان ٽيم لاءِ هر جيت تمام اهم آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *