
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قانون تي عمل ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ ڪاري ناڻي جو خاتمو ٿيندو. ٽويٽر تي هڪ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ايف بي آر جي ايڊ جيوٽنگ اٿارٽي بي نامي ٽرانزيڪشن چيئرمين، ميمبرن مقرر ۽ بي نامي زونز ۾ ٽيڪس ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ٽيڪس ڪمشنر بي نامي زون ڪراچي سنڌ جي مشهور سياسي خاندان جي بي نامي ملڪيتن ۽ شيئر جي بي نامي تحت ٽيچمينٽ ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته هاڻي ڪا به شيءَ بي نامي نه رهندي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قانون تي عمل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ملڪ مان ڪاري ناڻي جو دور ختم ٿيندو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هي قدم اڀرندڙ نئين پاڪستان جي جهلڪ آهي.