بگ بي اميتاڀ بچن نئين فلم ۾ پنهنجي گھر واري جيا بچن سان جوڙي سِڌي ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو بگ بي اميتاڀ بچن نئين فلم ۾ پنهنجي گھر واري جيا بچن سان جوڙي سِڌي ڪندو، ٻنهي اداڪارن کي بنگالي فلم ”بيلا سيشي“ جي ريميڪ ۾ گڏ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي، اميتاڀ بچن ۽ جيا هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اسڪرين تي گڏ اداڪاري ڪندي نظر اچڻ وارا آهن. اميتاڀ بچن گھڻي وقت کان پوءِ پنهنجي گھر واريءَ سان جوڙي جي حيثيت ۾ بنگالي فلم ”بيلا سيشي“ ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندو، ”بيلا سيشي“ باغبان جھڙي فلم هوندي، ”باغبان“ ۾ اميتاڀ بچن ۽ هيما مالني مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *