بڪتربند گاڏيون خريداري ڪيس: سپريم ڪورٽ معاهدو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت طرفان بڪتربند گاڏين جي خريداريءَ وارو معاهدو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت، هيليڪاپٽر ۽ فائر برگيڊ گاڏين جي ادائگين کان به روڪيندي آئين ۽ قانون خلاف ٺاهه ڪرڻ تي آءِ جــِي سنڌ کي طلب ڪري ورتو. جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ، سنڌ حڪومت طرفان بڪتربند گاڏيون خريدڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت، بڪتربند گاڏين جي خريداري جو معاهدو ڪالعدم قرار ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جــِي سنڌ پوليس کي طلب ڪري ورتو. عدالت، سنڌ حڪومت کي هيليڪاپٽر ۽ 86 فائر برگيڊ گاڏين جي ادائيگين کان به روڪي ورتو. سپريم ڪورٽ، وڪالت نامي کانسواءِ پيشي تي آءِ جــِي سنڌ جي وڪيل عرفاق قادر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس اعجاز چوڌري پڇاڻو ڪيو ته آءِ جــِي سنڌ ڪهڙي قانون تحت پنهنجو ڌار وڪيل ڪيو؟ عدالت بڪتربند گاڏين واري ڪيس جي ٻڌڻي 26 مارچ تائين ملتوي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *