
چترال (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته بک ستائلن ۽ بي گهر ماڻهن جي قيمت تي اورينج لائين نٿي هلي سگهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته زلزلي سٽيل علائقن ۾ حقدارن کي برابري جي بنياد تي امداد ڏني وڃي.خورشي شاهه وڌيڪ چيو ته ڏکيائين جو شڪار ماڻهن جي مدد ڪرڻ سڀني جو گڏيل فرض آهي ۽ اهو قوت ڪنهن تي به اچي سگهي ٿو.