بکر ۾ چنگچيءَ رڪشا کي بس جو ٽڪر، عورت ۽ ٻارڙن سميت 8 ڄڻا فوت

ملتان (ويب ڊيسڪ) دريا خان روڊ تي تيز رفتار بس چنگچي رڪشا کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، نتيجي ۾ عورت ۽ ٻارڙن سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته چار چڻا زخمي ٿي پيا، بکر جي علائقي دريا روڊ تي تيز رفتار بس چنگچي رڪشا کي ٽڪرهنيو، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري چنگچي رڪشا تي چڙهي وئي، نتيجي ۾هڪ عورت ۽ 2 ٻارن سميت 5 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ ست ڄڻا زخمي ٿي پيا، حادثي کان پوءِ بس جو ڊرائيور فرار ٿي ويو، حادثي جو اطلاع ملندي ريسڪيو ۽ پوليس جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، لاشن ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو بکر منتقل ڪيو ويو جتي وڌيڪ 3 زخمي علاج دوران فوت ٿي ويا، چئن زخمين جو علاج جاري آهي، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، بس ڊرائيور جي گرفتاريءَ جي لاءِ علائقي جي ناڪا بندي ڪري ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد جوابدار کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *