بچاءَ واري وزارت پاران راولپنڊي مان 2 هفتا اڳ اغوا ڄاڻايل وڪيل انعام الرحمان کي تحويل ۾ وٺڻ جو اعتراف، عدالت جي ڪاوڙ ظاهر ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزارت راولپنڊي مان 2 هفتا اڳ اغوا ڄاڻايل وڪيل رٽائرڊ ڪرنل انعام الرحمان کي تحويل ۾ وٺڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ کي آگاهي ۾ بچاءَ واري وزارت چيو آهي ته کيس آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙيءَ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ ۾ وڪيل انعام الرحيم جي گمشدگي جي حوالي سان درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران بچاءَ واري وزارت طرفان اهڙي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ٻڌڻيءَ دوران دفاعي وزارت جي نمائندي عدالت کي آگاهي ڏني ته رٽائرڊ ڪرنل انعام الرحمان سندن تحويل ۾ آهي، کانئس پُڇاڳاڇا جاري آهي. جنهن تي انعام الرحمان جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته بچاءَ واري وزارت يا اُن جو ڪوبه ادارو انعام الرحمان کي پاڻ وٽ نٿو رکي سگهي. درخواستگذار استدعا ڪئي ته انعام الرحمان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت سرڪاري نمائندي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ بچاءِ واري وزارت جي نمائندي کي حڪم ڏنو ته رٽائرڊ ڪرنل انعام الرحمان مٿان جيڪي الزام آهن، اُنهن جا تفصيل 3 جنوري تائين پيش ڪيا وڃن، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انعام الرحمان جي پُٽ حسنين انعام چيو آهي ته اڊيالا روڊ تي عسڪري 14 ۾ سندن گهر آهي، جتي رات جي وقت گهنٽي وڳي، جڏهن هُنن دروازو کوليو ته ڪاري وردي پهريل 8 کان 10 ماڻهو سندس والد انعام الرحمان کي کنڀي ويا، اهو واقعو 17 ڊسمبر تي پيش آيو هو. هُن چيو ته سندس والد کي ڪاري رنگ جي ويگو گاڏي ۾ ويهاري کڻي ويا هئا ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن رٽائرڊ ڪرنل انعام الرحمين جي گمشدگيءَ کي رپورٽ ڪيو ته اُڳرا نتيجا نڪرندا. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب رٽائرڊ ڪرنل انعام الرحمان جو واسطو پاڪ فوج جي 62هين لانگ ڪورس سان واسطو آهي، هي اُهو ڪورس آهي، جنهن سان موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو به واسطو آهي. آل پاڪستان ايڪس سروس مين ليگل فورم جو ڪنوينر انعام الرحمان ماضيءَ ۾ گم ٿيل ۽ فوج جي حراستي مرڪزن ۾ قيد ماڻهن جا ڪيس وڙهندو رهيو آهي. اُن کانسواءِ فوجي عدالتن ۽ فوجي سربراهن جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ خلاف عدالتن سان رابطا ڪندو رهيو آهي. ڪرنل انعام الرحمان پرويز مشرف کان تمغه امتياز ملٽري وٺڻ کان به انڪار ڪيو هو، جڏهن ته هو ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي کان اڳتي نه وڌي سگهيو ۽ آڪٽوبر 2007ع ۾ رٽائر ٿي ويو. رٽائرڊ ڪرنل انعام الرحمان پرويز مشرف سوڌو عسڪري شخصيتن جي اثاثن جي حوالي سان نيب سان رابطو ڪيو هو، جڏهن ته مشرف جي اثاثن جي حوالي سان به مختلف فورمز تي درخواستون ڏنيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *