بي پي ايل جي چرڪائيندڙ شروعات، رنگپور ڪامياب، عامر جون 4 وڪيٽون

ميرپور (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش پريمئير ليگ ۾ قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق بهترين  بيٽنگ ڪندي پنهنجي ٽيم رنگ پور رائيڊر کي فتح ڏياري ڇڏي، جڏهن ته محمد عامر جي بهترين بالنگ ڪارڪردگي وڃائي ڇڏي. اڄ ڪوشير بنگلا اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندڙ پريمئير ليگ(بي پي ايل) جي پهرين ميڇ رنگ پور رائيڊرز ۽ چڻاگانگ وائڪنگز جي ٽيمن جي وچ ۾ هئي. چٽاگانگ پهرين بيٽنگ ڪندي 187 رنز جي ڳري گڏيل اسڪورسان بورڊ جي زينت بڻي، ڪپتان تميم اقبال 51 رنز ڍاهي سڀ کان ڪامياب بيٽسمين رهيو، جڏهن ته تلڪار تني دلشان 29، انعام الحق 36 ۽ جيون مينڊس 3 رنز ٺاهي نمايان رهيا. رنگ پور پاران ثقلين ساجب ٽي جڏهن ته ابو جيد 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.188 رنز جي پويان رنگ پور جي شروعات سٺي نه هئي ۽ هو 23 رنز تي چار وڪيٽون ڳڻائي سخت ڏکيائي ۾ ڦاسي ويوهو ۽ ان تباهي جي ذميواري محمد عامر تي هئي، جنهن 2 وڪيٽون حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ ميڊن به ڪرايو پر ان موقعي تي مصباح الحق اهم ڪردار نڀائيندي پنهنجي ٽيم جي ميچ کٽڻ جي اميد برقرار رکي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *