بي نامي ملڪيتون ضبط ڪري غريب کي ڏينداسين، ڪجهه به ڪيو احتساب ٿي ئي رهندو: وزير اعظم

ميانوالي(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر کي پيغام ڏيندي چيو آهي ته ڪجهه به ڪيو احتساب ٿي ئي رهندو ڇو ته الله سان واعدو ڪيو هو هڪ موقعو ملندو ته ملڪ کي ڦريندڙن کي نه ڇڏيندس. ميانوالي ۾ اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته ميانوالي ۾ جديد اسپتال سان هتي جي عوام کي فائدو ٿيندو، ميانوالي اسپتال کي به اپ گريڊ ڪنداسين، ميانوالي ۾ ماءَ ۽ ٻار اسپتال بڻائينداسين، دنيا اُن شخص کي ياد رکندي آهي جيڪو انسان جي لاءِ ڪجهه ڪري وڃي. وزير اعظم انيل مسرت سان مڪالمو ڪيو ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين تي هلڪي ڦلڪي تنقيد ڪئي، هن چيو ته انيل مسرت چوي ٿو ته سندس اردو اردو سٺي ناهي پر هن جي اردو بلاول ڀٽو زرداري کان بهتر آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته وڏو هل پيو ڪيو وڃي ته فلاڻي کي پڪڙيو ويو ۽ فلاڻي کي پڪڙيو پيو وڃي، چين جي ترقي جو هڪ سبب ڪرپشن تي ساڍا سار سئو وزيرن کي جيل ۾ وجهڻ به آهي، انيل مسرت کان پڇو پهرين ڇو پاڪستان نه ايندو هو، سڀ چوندا ته اسان ڪرپشن جي ڪري پهرين پاڪستان نه آيا هئاسين، اورسيز پاڪستاني سڀ کان وڌيڪ پاڪستان جو سور رکن ٿا، انهن کان پڇو ڇو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه ڪندا هئا جواب ملندو آهي ته هتي ڪرپشن هئي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي اندر اهڙو ڪهڙو ڪم ڪيو ويو جو 10 سالن ۾ 24 هزار ارب رپيا قرض چڙهيو هي پيسو جن جي کيسن ۾ ويو جيستائين انهن جو حساب نه ٿيندو ملڪ اڳتي نه وڌندو، هي وڏيون ڌمڪيون ڏيندا آهن، آئون 22 سالن کان ان هڪ موقعي جو انتظار ڪري رهيو هوس، الله سان واعدو ڪيو هو هڪ موقعو ملي، ملڪ جو پيسو کائيندڙن کي نه ڇڏيندس، انهن حالتن جي ذميوار ماڻهن جو جيستائين احتساب نه ٿيندو اِها چوري نه بيهندي. عمران خان چيو ته اڄ تائين رڳو ننڍن پٽوارين کي پڪڙي احتساب ڪيو ويندو هو، احتساب ننڍن چورن کي پڪڙڻ سان نه طاقتورن کي پڪڙڻ سان ٿيندو آهي، هي جنهن ڪيس ۾ پڪڙا پيا وڃن اُهي اسان ناهن ٺاهيا اسان ادارن کي آزاد ڇڏي ڏنو آهي هو جنهن کي چاهن ڪرپشن ۾ پڪڙن. وزير اعظم جو چوڻ هو ته انهن ماڻهن مون کي پرڏيهه مان به سفارشون موڪليون آحن، جيڪو مرضي ڪيو، احتساب ٿي ئي رهندو، احتساب کان سواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، اڄ طاقتور کي قانون جي دائري ۾ آڻي رهيا آهيون، هي چون ٿا ته انتقامي ڪارروائي آهي، انتقامي ڪارروائي ته منهنجي خلاف ٿي هئي، مون جڏهن پاناما جي ڳالهه ڪئي ته 2 ڪيس ۽ 32 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون، مون انهن ڪيسن کي عدالت ۾ منهن ڏنو، عدالت ۾ دستاويز ڏنا، هن عدالت ۾ هڪ به لاڳاپيل ڪاغذ پيش ناهي ڪيو ۽ هنگامو پيا ڪن ته انتقامي سياست ٿي رهي آهي. هن چيو ته انهن ماڻهن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو ۽ چون ٿا ته جواب نه ڏينداسين، جواب اسان وٺنداسين ۽ قوم جواب وٺندي،  جيترو چاهيو شور مچايو، ماڻهن ۾ خوف تڏهن ايندو جڏهن وڏا پڪڙيا ويندا، جڏهن طاقتور جو احتساب ڪنداسين ته ملڪ ۾ ماڻهو ڪرپشن کان ڊڄندا. وزير اعظم جو چوڻ هو ته جڏهن ليڊرشپ ڪرپشن ڪندي ته پوءِ سڀ ڪندا، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ٿيندي ته ڊالر مٿي ويندو، اسان ڪرپشن ختم ڪري ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪنداسين ۽ ڪنهن صورت احتساب جي عمل تي سمجهوتو نه ڪنداسين. وزير اعظم عمران خان چيو ته هاڻ حالتون سنڀلجي رهيون آهن، هاڻ توهان ڏسندا ته پاڪستان مٿي ويندو  وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپٽ ماڻهن جي بنا نالي ملڪيت ضبط ڪري غريبن تي خرچ ڪنداسين. ميانوالي ايڪسپريس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان جو مقصد اِهو ئي آهي ته عام ماڻهو جي لاءِ آساني پيدا ڪئي وڃي. وزير اعظم عمران خان چيو ته حڪومت ملي، ته ملڪ قرضي هو، پر هاڻ آسانيان ٿي ويون آهن، اسان کي قرضن جو قسطون ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ قرض ڏيڻو پيو، قرضن تي وياج ڏيڻ جي لاءِ قرض وٺڻا پيا، ڏکيو وقت هو. هن چيو ته چين سان گڏ ريلوي جي ايم ايل ون جو ايم او يو سائن ڪيو آهي، ايم ايل ون سان ڪراچي کان لاهور جو سفر رڳو 8 ڪلاڪن ۾ ٿيندو، ايم ايل ون پاڪستان ۾ انقلاب آڻيندو. هن چيو ته ميانوالي مون کي تڏهن کٽرايو جڏهن مون کي ڪٿان به ووٽ نه مليو، پٺتي پيل علائقن کي اسان کي مٿي آڻڻو آهي، اسپتال ٺيڪ ڪرڻا آهن، پاڻي جو مسئلو به حل ڪرڻو آهي،  حڪومت جا 5 سال پورا ٿيڻ تي توهان ڏيندا ته ميانوالي ڇا هيو ۽ هاڻ ڇا پيو بڻجي. منهنجو واعدو آهي ته حڪومت ۾ اچي بدعنواني کي ختم ڪندس، پيسا چوري ڪري ناجائز ملڪيتون بڻايون ويون، اُهي ضبط ڪنداسين، ناجائز ملڪيتن جو پيسو احساس پروگرام ۾ لڳايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *