بي بي زرداري جي سياست پيءُ جي ڪرپشن جي اسير آهي: مراد سعيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي تقرير تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته بي بي زرداري جي سياست والد جي ڪرپشن جي اسير آهي، حادثاتي چيئرمين جو الميو اهو آهي ته جڏهن به ٽي وي تي ايندو ته ڪرپشن جو دفاع ڪندو، سومر تي بيان ۾ هن چيو ته قومي خزاني جي چوري سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي جيالن ۾ پيسا ورهائڻ تائين بي بي زرداري ڪرپشن جي هر واردات جو دفاع ڪري ٿو، مراد سعيد چيو ته بي بي زرداري جي پيءُ ڪرپشن جا اهڙا شرم جوڳا طريقا ايجاد ڪيا جو دنيا حيران آهي، قوم پنهنجو پيٽ چيري محروم ۽ غريب طبقي لاءِ انڪم سپورٽ پروگرام جي حمايت ڪئي، مراد سعيد چيو ته بلاول جي والد انڪل نواز سان گڏجي انڪم سپورٽ جي فنڊ کي جيالا ۽ متوالا پالڻ لاءِ استعمال ڪيو، هن چيو ته حڪومت ڪيرائڻ جو خواب پيءُ پٽ کي ڏينهن رات پريشان ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي وزير چيو ته ڏيڍ سال ان پريشاني ۾ گذريو، ايندڙ ساڍا 3 سال به ان ئي تڪليف ۾ گذرندا، هن چيو ته ان کانپوءِ به انشاالله شرمساري ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *