بي بي جي شهزادي جي شاندار استقبال تحريڪ انصاف جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، ايندڙ وقت بلاول جو آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عوام پاران بلاول ڀٽو زرداري جي پر جوش استقبال ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ايندڙ وقت بلاول ڀٽوجو آهي عوام سنڌ جي چپي چپي تي ڪاروان ڀٽو جي انتظار ۾ بي چين آهي. شهيد ڀٽو جو ڏهٽو عوام ۽ هن ملڪ جي اميد آهي. بي بي جي شهزادي جي پر جوش استقبال تنقيد ڪندڙن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. سياسي بونا ڄاڻي وٺن بلاول ڀٽو هن ملڪ جو روشن مستقبل آهي. ملڪ جي عوام پنهنجي محبوب اڳواڻ بلاول ڀٽو سان محبت ۽ عقيدت جو رشتو رکي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي هر دلعزيز اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري جي پر جوش استقبال تي عوا جا ٿورائتا آهيون هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي محبوب اڳواڻ بلاول ڀٽو سان بي پناهه محبت ۽ عقيدت رکي ٿي.  هاڻي ڪراچي کان ڪشمور تائين، لاڙڪاڻي کان لاهور تائين هر گهر ۾ ڀٽو جو نعرو لڳندو. هن چيو ته سموري سنڌ جي عوام هر اسٽيشن تي ڪاروان ڀٽو جو پر جوش ۽ شاندار استقبال ڪري ثابت ڪري ڇڏيو ته هو تبديلي واري سرڪار کي نٿا مڃن ڇو ته اها حڪومت ووٽ چوري ڪري ٺاهي وئي آهي. هن وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ڪاروان ڀٽو جمهوريت جي بقاءَ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. ڇو ته جڏهن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي آهي عوام مهانگائي  هيٺيان دٻجي وئي آهي ۽ انهن جو ڪو حال پچڻ وارو ڪونهي. اسان جي صوبي جي گئس ۽ پاڻي جي حصي  ۾ زبردستي ڪٽوتي ڪئي وئي جڏهن ته مالياتي ايوارڊ جا120ارب رپيا سنڌ کي ناهن مليا. جنهن سبب صوبي ۾ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. جيڪڏهن اهي پئسا سنڌ جي عوام کي ملي وڃن ته رڪيل ترقياتي ڪم مڪمل ٿي وڃن ۽ صوبي جي عوام خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهي.  هينڊآئوٽ نمبر 237

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *