بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، جيڪو اتحادي عمران خان کي ڇڏيندو ھو غلط فيلو ڪندو: وفاقي حڪومت

ڪراچي (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بي اعتمادي رِٿ ناڪام ٿي ته عمران خان اڃا به وڌيڪ چئلينجنگ ثابت ٿيندو، خريد ۽ وڪري جا هوڪا ڏيندڙ ٻڌي ڇڏن ته عمران خان اهڙو سياسي ڊرون حملو ڪندو جو اپوزيشن جي سياست تباهه ٿي ويندي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته نواز شريف ميمبرز جي خريد ۽ وڪري جو اختيار آصف زرداري کي ڏنو آهي، خريد ۽ وڪري جو ڪارڊ هلائيندڙن کي ڪجهه نه ملندو، شيخ رشيد چيو ته سمورا ذاتي مفاد لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن پر عدم اعتماد جي رٿ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ عمران خان  هنن لاءِ وڌيڪ چيلينجنگ بڻجي ويندو، مفاد پرست ٽولي کي خبر آهي ته جيڪڏهن ڪجهه نه ٿيو ته هنن جي کَل لهي ويندي، هنن جي سياسي قبر کوٽجي ويندي ۽ هنن کي اندازو ئي ناهي، عمران خان ۽ جهانگير ترين جي لاڳاپن بابت پڇيل سوال تي شيخ رشيد چيو ته عمران خان چريو ناهي، هو 25 سالن کان هن راند ۾ آهي، عمران خان کي جهانگير ترين سان ڳالهائڻگهرجي، 14، 14 سال مردا اکاڙڻ واران ملي سگهن ٿا ته جهانگير ترين ۽ عمران خان ته دوست آهن هو ڇو نٿا ملي سگهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *