بي اعتمادي رٿ معاملو: وزيراعظم جي اٽارني جنرل سان اهم ملاقات

اسلام آباد(م.ڊ) مخالف ڌر پاران قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سان اٽارني جنرل آف پاڪستان جي اهم ملاقات ٿي آهي، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ۽ اٽارني جنرل خالد جاويد خان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ذريعن موجب ملاقات ۾ قانوني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اٽارني جنرل وزيراعظم عمران خان کي بي اعتمادي واري رٿ بابت قانوني معاملن تي بريفنگ ڏني، جنهن کانپوءِ هو وزيراعظم هائوس مان روانو ٿي ويو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *