بي اعتمادي رٿ جي مشهوري ناهي ٿيندي، ماحول تبديل ٿيندو: شاهد خاقان

اسلام آباد: (م.ڊ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته انشاءَالله بي اعتمادي جي رٿ جلد ايندي جنهن کان پوءِ ماحول جلد تبديل ٿي ويندو.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته احتساب جي نالي تي ڪيس جو چوٿون سال آهي. اسان 4 سالن کان ڪيسن کي ڀوڳي رهيا آهيون، جج به پريشان آهن، اسان ته هر پيشي تي ايندا آهيون ۽ چوندا آهيون ته ڪيميرائون لڳايو. ليگي اڳواڻ چيو ته بي اعتمادي جي رٿ ايندي ۽ ماحول تبديل ٿي ويندو، بي اعتمادي رٿ جي مشهوري ناهي ٿيندي، نمبر گيم پورا ٿيڻ بعد ئي اها رٿ آندي ويندي آهي. حڪمرانن ملڪ جي هر شعبي ۾ تباهي ڪئي آهي. پاڪستان ڪرپشن ۾ دنيا جي 16 ملڪن کي پوئتي ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اهڙو ڪوبه کاتو ناهي جنهن ۾ ڪرپشن نه هجي، دوائن جو اسڪينڊل، کنڊ ۽ ڪڻڪ سميت درجين اسڪينڊل سامهون آيا آهن. جيڪي اربين روپيه کائي ويا آهن انهن جو به حساب ٿيندو. شاهد خاقان وڌيڪ چيو ته حڪمرانن ملڪ جو هر کاتو تباهه ڪري ڇڏيو آهي اهائي رفتار رهي ته عمران خان جي حڪومت دنيا جي ڪرپٽ ترين حڪومت هوندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *