بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب نه ٿي ته اعتماد جو ووٽ شمار ٿيندو: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف وزيراعظم عمران خان کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي . اجلاس جي ايجنڊا ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ به شامل هئي جيڪا ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي اجازت سان ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي جنهن کانپوءِ تحريڪ جي حمايتين ۽ مخالفن جي ڳڻپ ڪئي وئي، رٿ جي حمايت ۾ 161 ووٽ پيا. جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس خميس 31 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته بي اعتمادي واري رٿ تي 31 مارچ تي بحث ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس 31 مارچ تي شام 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.  ٻئي طر ف سپريم ڪورٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته اعتماد جو ووٽ شمار ٿيندو،  چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ اٽارني جنرل ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا وزيراعظم غير ذميواراڻو بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ نه گهرجي، جڏهن ته جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا ڊي سيٽ ڪيل شخص ٻيهر ضمني چونڊ وڙهي سگهي ٿو، جڏهن ته جسٽس مظهر عالم ميان خيل پڇاڻو ڪيو ته توهان نااهلي جي مدت ڪيئن ٿا مقرر ڪري سگهو، چيف جسٽس اٽارني جنرل سان ڳالهائيندي چيو ته اميد آهي ته اڄ توهان پنهنجا دليل مڪمل ڪندا، جنهن تي خالد جاويد خان چيو ته پارليامينٽ جي ڪارروائي جو عدالتي ٻڌڻي سان ڪو تعلق ناهي، ٿي سگهي ٿو اڄ پنهنجا دليل مڪمل نه ڪري سگهان، جسٽس مظهر عالم رمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم ڪماليا ۾ چيو هو ته سپريم ڪورٽ جي ججن کي گڏ ڪيو پيو وڃي، ڇا اهڙا سياسي بيان ڏيڻ گهرجن، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته عدالت ٻاهران جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو عدالت کي نه ڏسڻ گهرجي، جسٽس مظهر عالم ميان خيل چيو ته اهو قومي ٽي وي چئنلز تي نشر ٿيو ۽ سڀني ڏٺو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ڪالهه ميڊيا اها به هيڊ لائن هلائي ته ريفرنس واپس ٿي رهيو آهي، جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم کي اهڙا بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت ٻاهران جيڪا ڳالهه ڪئي وئي ان سان اسان متاثر نه ٿيا آهيون پر سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا کي اهڙن لفظن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا وزيراعظم کي سپريم ڪورٽ تي اعتماد ناهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته وزيراعظم ڇا ڪنهن کي به غير ذميواراڻي بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، چيف جسٽس آف پاڪستان اٽارني جزل کي سڀاڻي هڪ ڪلاڪ ۾ دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو 30 مارچ تي ٻئي ڌر جي وڪيلن کي ٻڌندو، جڏهن ته اٽارني جنرل ٻين وڪيلن جي دليلن کانپوءِ جواب ڏيندو، جنهن بعد سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي اڱاري ڏينهن هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *