بي آر ٽي اورينج لائن منصوبي ۾ جيترا به مسئلا آهن مڪمل تفصيل فراهم ڪيا وڃن : شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ  ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي اورينج لائن تي آپريشنل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مهيني جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو آهي. بي آر ٽي اورينج لائن منصوبي ۾ جيترا به مسئلا آهن مڪمل تفصيل فراهم ڪيا وڃن. اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحيلم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي ايس آئي ڊي سي ايل سان اجلاس ڪري اورينج لائن منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي هن چيو ته منصوبا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال سان هو پاڻ ڪندو ته جيئن منصوبو مڪمل ٿي سگھي. هن چيو ته اورينج لائن کي هڪ مهيني جي اندر آپريشنل ڪرڻو آهي ته جيئن اورنگي ٽائون ۽ ان جي پسگردائي واري علائقن جي شهرين کي آرامده ۽ محفوظ سفري سهولت مهيا ڪري سگھجي. اجلاس ۾ صوبائي وزير کي ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينڊيٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي پروجيڪٽس بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪراچي سرڪيولر ريلوي، بليو لائن، برائون لائن، ۽ شهر جي بي آر ٽيز تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گرين لائن فيز ون نمائش تائين آپريشنل آهي ، ييلو، اورينج ، ريڊ لائنز امپليمينٽيشن فيز ۾ آهن. آپريشنل هجڻ جي ٽن سالن بعد سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويندو بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اورنگي ٽائون بورڊ آفيس تائين اورينج لائن منصوبي جو 98 سيڪڙو سول ورڪ مڪمل آهي. جيڪو مڪمل طور تي سنڌ حڪومت جو منصوبو آهي ۽ وفاقي حڪومت جا اداري ايس آئي ڊي سي ايل جي تحت تعمير ٿي رهيو آهي. اورينج لائن جي 20 بسن جي خريداري جي لاءِ سنڌ حڪومت ايس آئي ڊي سي ايل کي رقم ادا ڪري ڇڏي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *