بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي طاهر ايوب اشتهاري قرار، جاچ آفيسر طارق ڪياني جا گرفتاري وارنٽ جاري

راولپنڊي(م.ڊ) راولپنڊي جـِـي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي طاهر ايوب کي اشتهاري قرار ڏيندَي جاچ آفيسر طارق ڪياني جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. دهشتگردي جِي خاتمي واري عدالت جَي جج رائي ايوب مارٿ بينظير ڀٽو قتل جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران اڳوڻو ايس ايس پي طاهر ايوب اڄ به حاضر نه ٿيو، جڏهن ته سندس غيرحاضري بابت ايف آءِ اي پاران رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ايف آءِ اي جِي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته طاهر ايوب سان رابطو ٿيو آهي، هو پرڏيهه ۾ آهي. رپورٽ موجب، طاهر ايوب جو چوڻ آهي ته هو اڄ ڪنهن به وقت ڏيهه پهچي ويندو. ايف اي آءِ پاران رپورٽ جمع ڪرائڻ باوجود عدالت غيرحاضري تي طاهر ايوب کي اشتهاري قرار ڏيندي سندس گهر ۽ عدالت ٻاهران اشتهار لڳائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت، بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي گڏيل جاچ ٽيم جي ميمبر انسپيڪٽر طارق ڪياني جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ پڻ جاري ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف جوابدارن جَي وڪيلن ڪيس جي فريادي انسپيڪٽر ڪاشف رياض کان آڏي پڇا پڻ مڪمل ڪري ورتي، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *