بينظير ڀٽو قتل ڪيس: مارڪ سيگل پنهنجي بيان تي جرح مڪمل ڪري ورتي

راولپنڊي(بيورو) شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ آمريڪي صحافي مارڪ سيگل پنهنجي بيان تي جرح مڪمل ڪري ورتو، مارڪ سيگل چيو آهي ته پرويز مشرف جو فون ٻڌڻ بعد بينظير ڀٽو جو منهن ڳاڙهو ۽ جسم ڏڪي رهيو هو، مشرف بينظير ڀٽو جي سلامتي ان جي تعاون سان مشروط ڪئي.شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران آمريڪي صحافي مارڪ سيگل جو وڊيو لنڪ ذريعي ڏنل بيان تي پرويز مشرف جي وڪيل فروغ نسيم جرح ڪئي.آمريڪي صحافي مارڪ سيگل واشنگٽن ۾ قائم پاڪستان جي سفارتخاني مان وڊيو لنڪ ذريعي موجود هو، آمريڪي صحافي سان گڏ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ به موجود هو. جرح دوران پرويز مشرف جي وڪيل فروغ نسيم سوال ڪيو ته ڇا بينظير ڀٽو کي ڌمڪي آمريڪا جي سر زمين تي ڏني وئي، جنهن تي مارڪ سيگل چيو ته جي ها آمريڪي سر زمين تي ڏني وئي، جنهن وقت پرويز مشرف جي بينظير ڀٽو کي ڌمڪي واري ڪال آئي ته هو ان وقت بينظير ڀٽو سان گڏ هو. فروغ نسيم چيو ته ڇا بينظير ڀتو جي ڌمڪي بابت ڪنهن آمريڪي اختيارين کي اطلاع ڏني هئي، جنهن تي مارڪ سيگل چيو ته آمريڪا ۾ هن ڪنهن کي به ڌمڪي جي اطلاع نه ڏني.آمريڪي صحافي جرح دوران چيو ته بينظير ڀٽو کي جڏهن پرويز مشرف فون تي ڌمڪي ڏني ته هو سخت پريشان هئي، پرويز مشرف جو فون ٻڌڻ بعد بينظير ڀٽو جو منهن ڳاڙهو ۽ جسم ڏڪي رهيو هو، پرويز مشرف بينظير ڀٽو جي سلامتي ان جي تعاون سان مشروط ڪئي.مارڪ سيگل چيو ته هن ايف آءِ اي کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو، هو بينظير ڀٽو لاءِ آمريڪا ۾ بنا ڪنهن پئسي جي لابنگ ڪندو هو، هن آصف زرداري لاءِ ڪڏهن به لابيسٽ طور

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *