بينظير ڀٽو قتل ڪيس: مارڪ سيگل جي بيان خلاف پرويز مشرف جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

راولپنڊي (بيورو) راولپنڊي جَي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ آمريڪي صحافي مارڪ سيگل جي بيان خلاف اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي، مارڪ سيگل جرح ملتوي ٿيڻ تي مايوسي  جو اظهار ڪيو. شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شروع ٿي ته مشرف جي وڪيل فيصل چوڌري مارڪ سيگل جي ڏنل بيان خلاف درخواست ڏني. مشرف جي وڪيل پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته آمريڪي شهري جيڪو وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪرايو آهي ان جي قانون ۾ ڪا به حيثيت نه آهي ۽ مارڪ سيگل به فاروق ايڇ نائڪ جو لکيل بيان پڙهيو هو. سرڪاري وڪيل معاملي تي برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته مشرف جي هڪ وڪيل اڳ به اهڙي قسم جي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ٻئي پاسي جرح ملتوي ٿيڻ تي آمريڪي صحافي مارڪ سيگل مايوسي جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته امريڪي صحافي مارڪ سيگل شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار پرويز مشرف کي قرار ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *