بينظير ڀٽو قتل ڪيس: سمورن سرڪاري شاهدن کي 26 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ لاءِ ٻيهر سمن جاري

راولپنڊي (بيورو) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ سمورن سرڪاري شاهدن کي 26 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ لاءِ ٻيهر سمن جاري ڪري ڇڏيا آهن. راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻي هئي پر جج راءِ ايوب جي موڪل تي هئڻ سبب ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي. عدالت پاران گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد ايس ايس پي طاهر ايوب عدالت ۾ پيش ٿيو پر جج موڪل تي هئڻ سبب سندس بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو. عدالت، ايس ايس پي طاهر ايوب سميت ٻين شاهدن کي 26 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ لاءِ ٻيهر سمن جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ امريڪي صحافي مارڪ سيگل جي وڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪيل بيان تي جرح نومبر جي پهرين هفتي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *