بينظير ڀٽو ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ جي تجويز نه مڃي هئي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ”مادر جمهوريت نصرت ڀٽو انڊر پاس” منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪيسن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري، دهشتگردي خلاف وفاقي، صوبائي حڪومتون ۽ فوج هڪ پيج تي آهن، ڪراچي ۾ لڪي اسٽار ويجهو مادر جمهوريت انڊر پاس جي تعمير جو افتتاح ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته انڊر پاس 51 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ٺاهيو ويو آهي جنهن جي تعمير 4 مهينن ۾ مڪمل ڪئي ويندي هن چيو ته شارع فيصل کي سگنل فري ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته مادر جمهوري انڊر پاس جي تعمير صدر، زينب مارڪيٽ ۽ آس پاس ۾ ٽريفڪ جام جو مسئلو حل ٿي ويندو، شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪرڻ جي ڪابه ڳالهه نه ڪئي، پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم تحريڪ انصاف سميت هر پارٽي ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿي. شرجيل انعام ميمڻ، سنڌ پوليس ۽ رينجرز جِي تعريف ڪندي چيو آهي ته ٻئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي اجازت نه ڏني ويندي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن ڪنهن هڪ جماعت نه پر دهشتگردن جي خلاف ٿي رهيو آهي. هـُن چيو ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز چڱو ڪم ڪري رهيون آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته امن قائم ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، اهو ئي سبب آهي جو لياري ۾ روز آپريشن ٿيڻ باوجود هو اعتراض نٿا ڪن. هن چيو ته سنڌ سرڪار کي رينجرز تي ڀروسو آهي، ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جِي ڪوشش ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. صوبائي وزير چيو ته گذريل پ پ دور ۾وڏا دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، جن ۾ اجمل پهاڙي ۽ ڪامران ماڌوري به شامل آهن. سندس نارٿ ناظم آباد ۾ اسڪول تي حملي جي مذمت ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته وڏي وزير جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ هميشه مفاهمت جي سياست تي يقين رکي ٿي، ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون مفاهمت جو حصو آهي. ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي مسئلي تي ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ وڏو مسئلو آهي. جنهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون پيا. هن چيو ته پ پ ڪراچي کي روشنين جو شهر ڏسڻ چاهي ٿي، ملير لنڪ روڊ کي ڊبل روڊ ٺاهيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته 51 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان مهراڻ انڊر پاس تيار ڪيو پيو وڃي، جيڪو چئن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *