بينظير قتل ۽ ڪاهره بيس حملي ۾ اسان جا طالب ملوث هئا: مدرسه حقانيه جي ناظم جو اعتراف

راولپنڊي (م ڊ) مدرسه دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ جي ناظم تعليمات مولانا وصال احمد اعتراف ڪيو آهي ته بينظير ڀٽو قتل ۽ ڪاهرا بيس تي حملي ۾ اسان جي مدرسي جا طلب ملوث هئا، دهشتگردي جي خاص عدالت بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ مدرسه دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ جي تعليمي ناظم مولانا وصال احمد جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو، مولانا وصال احمد تسليم ڪيو ته بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدار خودڪش بمبار عبدالله عرف صدام، ٻيون خودڪش بمبار نادر عرف قاري اساعيل، رشيد احمد عرف ترابي، فيض محمد ڪسڪٽ ۽ ڪاهرا ۾ ايئرفورس جي بيس تي ميزائيل حملي جا جوابدار سيد عرب، گل روز، محمد شفيق انهن جي مدرسي جا طالب هئا جڏهن ته انهن جي ڪردار ۽ فعل جو اسان سان ڪوبه تعلق ناهي. ٻئي طرف گرفتار جوابدار رشيد عرف ترابي چيو ته هو حقانيه مدرسي جو شاگرد نه هو جڏهن ته مولانا وصال احمد جواب ڏنو ته ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، هي جوابدار مدرسي جو شاگرد هو جڏهن ته هن جوابدار جو مڪمل رڪارڊ به پيش ڪري ڇڏيو سينيئر سرڪاري پراسيڪيوٽر چوڌري محمد اظهر ٻڌايو ته هو ان ڪيس جي يزي سان ٻڌڻي مڪمل ڪرائي رهيو آهي ۽ ڪيس مارچ ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *